پاڪستان جو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ملهائينداسين.

اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وزير شبلي فراز ۽ وزير اعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سان گڏ پريس ڪانفرنس ودران شاهه محمود قريشي چيو ته اڄوڪو ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير کي 3 حصن ۾ ورهائڻ جي سازش هئي، ڀارت ڪشميرين جو جهنڊو ڦريو، هنن جي سڃاڻپ مٽائڻ جيڪوشش ڪئي، هندو پنڊت، لداخ جي ٻڌمت يا وادي جي مسلمان ڪنهن ورڇ کي قبول ناهي ڪيو، اڄ شائننگ انڊيا سلگي رهيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جو رت شامل آهي، اسان ان جدوجهد ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺا آهيون. آخري فتح تائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهنداسين، نه ڪشميري جهڪندا ۽ نه ئي پاڪستان جي فوج پوئتي هٽندي، رت ڳالهائيندو آهي ۽ اُهو ڳالهائيندو، ايل او سي تي ڏيکاري رهيا آهن ته ڀارت ڪهڙيون حرڪتون ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جون سرگرميون معطل آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڏيکاءَ لاءِ انٽرنيٽ کوليو ويو، والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي، ڪورونا لاڪ ڊائون دنيا کي ڪشميرين جي بي حسي جو احساس ڏياريو. ڪورونا کان پوءِ دنيا کي خبر آهي ته لاڪ ڊائو ڪيو آهي؟ اسان دنيا کان والاريل ڪشمير بابت عملي ڪم ڏيکارڻ چاهيون ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهيون.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي هدايت تي ڪشمير مسئلو دنيا جي سامهون اجاڳر ڪيو، اسان هجون نه هجون، پاڪستان جي پرڏيهي وزير جو موقف تاريخ جو حصو بڻجي رهيو آهي، هڪ سال ۾ ڪشمير مسئلو 3 ڀيرا سلامتي ڪونسل ۾ کنيو ويو، هيومن رائٽس ڪونسل جينيوا ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪيو، عالمي تنظيمن طرفان ڀارت جي غاصباڻي پاليسي تي تنقيد ڪئي آهي.

پرڏيهي وزير ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان 5 آگسٽ 2020ع تي گڏجي ڪشميرين کي پيغام ڏيڻو آهي ته سياسي ڌڙا بازي جي باوجود ڪشميرين جي معاملي تي اسان گڏ آهيون، اسان جي نظر سري نگر تي آهي، ڪشمير هاءِ وي کي 5 آگسٽ تي سري نگر هاءِ وي جو نالو ڏنو ويندو. سري نگر هاءِ وي اسان کي ڪشمير تائين وٺي ويندو.

شبلي فراز:

ان کان پوءِ ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري وزير شبلي فراز چيو ته اسان ماضي ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا، گذريل دورن ۾ اسان جي ان ٻڌي ۾ اُهو ولولو نه هو جنهن جي ڪري ڀارت اُهو قدم کنيو.

وزير اعظم گڏيل قومن ۾ پنهنجي خطاب سان ان جدوجهد آزادي ۾ جيڪو نئون روح ڦوڪيو آهي ۽ اسان ان حوالي سان ٻڌي جي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن ته منهنجي درخواست آهي ته 5 آگسٽ کي پنهنجي گهرن تي ڪشميري جهنڊو لهرايو ۽ ان ۾ هر پاڪستاني پنهنجو هر حصو وجهي جيئن ڀارت کي يقين ٿي وڃي ته ڳالهه ائين ئي رهي.

شبلي فراز چيو ته ڪشميري عوام آزادي حاصل ڪري رهندو، اسان جي حڪومت ان عزم تي قائم آهي ۽ سڄي قوم 5 آگسٽ تي ان ۾ ڀرپور حصو وٺي.

معيد يوسف:

سڌُ سماءَ واري وزير کان پوءِ قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلي بابت مڪمل سپورٽ تي ميڊيا جو ٿورائتو آهيان.

هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڪشميرين سان ٿيل استحصال کي هڪ سال ٿيڻ تي يوم استحصال ملهايو ويندو، ڀارت جا ظلم پهرين به جاري هئا پر هنن ڏينهن ڀارت غاصباڻي قبضي سان گڏ فوجي ڪڙو ٻيهر چاڙهيو.

معيد يوسف چيو ته ڀارت، سموريون عالمي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن کي نٿو مڃان ۽ هاڻ ته شملا معاهدي تي به عمل نٿو ڪري ان ڪري هن علائقي جو مخصوص نالو جيڪو اسان کي استعمال ڪرڻ گهرجي اُهو انڊين اِل ليگلي آڪيوپائيڊ ڄمون ۽ ڪشمير (آءِ آءِ او جي ڪي) جيئن پاڪستان جو موقف عالمي ميڊيا ۾ واضح ٿئي ته ڀارت پنهنجي غاصباڻي قبضي کي وڌائيندو پيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ تي اِها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير کي ناهي وساريو ۽ اسان جٿي بيٺا آهيون ان کان گهڻو اڳتي وڌي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.