اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي روزاني سامهون ايندڙ ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي آهي پر وبا جي پکڙجڻ وارو سلسلو بدستور جاري آهي.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان هن وقت تائين متاثر ٿيلن جو انگ 2 لک 78 هزار 305 ٿي ويو آهي جنهن مان 5 هزار 951 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن ۽ 2 لک 47 هزار 177 صحتياب ٿيڻ ۾ ڪامياب رهيا.
اڄ (31 جولا) تي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 766 مريض ۽ 25 فوتگيون رپورٽ ٿيون ان کان سواءِ اڄ وڌيڪ هڪ هزار 46 مريض شفاياب ٿيا.
ملڪ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شفاياب ٿيڻ سان گڏيل متاثرن مان لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو صحتياب ٿي ويا ۽ فعال ڪيس رڳو 25 هزار 177 رهجي ويا آهن.
سنڌ:
30 جولاءِ تي سنڌ ۾ وڌيڪ 498 ڪيس ۽ 20 فوتگيون سامهون آيون.
جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ هڪ لک 20 هزار 550 تائين پهچي ويو.
ان کان سواءِ صوبي ۾ وڌيڪ 20 مريضن جي لاڏاڻ سان فوتين جو انگ 2 هزار 209 ٿي ويو.
پنجاب:
پاڪستان ۾ آبادي جي لحاظ سان سڀ کان وڏي صوبي ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 218 ڄڻن کي متاثر ڪيو جڏهن ته 2 مريض لاڏاڻو ڪري ويا.
سرڪاري سطح تي ڪووڊ-19 جي صورتحال تي نظر رکندڙ پورٽل موجب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 218 ماڻهن جي متاثر ٿيڻ سان گڏيل ڪيسن جو انگ 92 هزار 873 تائين پهچي ويو.
ان کان سواءِ 2 ڄڻن جي لاڏاڻي سان اِهو انگ 2138 کان وڌي 2140 تائين پهچي ويو.
اسلام آباد:
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 27 ڄڻن کي متاثر ڪيو ۽ خوش قسمتي سان ڪا به فوتگي سامهون نه آئي.
سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سامهون ايندڙ انهن نون ڪيسن کان پوءِ اُتي گڏيل ڪيس 15 هزار 14 تائين پهچي ويا.
آزاد ڪشمير:
ملڪ ۾ وائرس مان سڀ کان گهٽ متاثر ٿيندڙ علائقي آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس 2 هزار 73 ٿي ويا.
سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 8 نون مريضن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته 3 مريض لاڏاڻو ڪري ويا.
اهڙي نموني آزاد ڪشمير ۾ هن وقت تائين ان وبا جي ڪري 54 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.
گلگت بلتستان:
گلگت بلتستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 15 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ ڪا به فوتگي رپورٽ نه ٿي.
انهن 15 مريضن کان پوءِ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا گڏيل ڪيس 2 هزار 105 تائين پهچي ويا.