سعودي عرب سميت نار ملڪن ۾ عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب سميت نار ملڪن ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش سان ملهائي پئي وڃي.

لکين مسلمانن مسجد الحرام ۽ مسجد النبي سميت سمورن مسجدن ۾ عيد نماز ادا ڪئي.

عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪرونا جي وبا جي خاتمي ۽ مسلمانن جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون پڻ ڪيون ويون.

مزدلفه ۾ سڄي رات عباد بعد حاجي سڳورا منيٰ پهتا جتي سعودي عرب جي حج واري وزارت طرفان کين سينٽائزڊ پٿريون ڏنيون ويون.

سعودي عرب جي رياستي اداري جي رپورٽ موجب، سول ڊفينس واري کاتي مني ۾ سهولتن ۾ اهم واڌارو ڪيو آهي ته جيئن حاجين جي حفاظت ۽ امن امان کي يقيني بڻائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.