ايف بي آر طرفان هڪ مهيني ۾ 3 سئو اربن جي ٽيڪس اوڳاڙي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر هلندڙ سال جي پهرين مهيني مقرر هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ تي ايف بي آر جي نيئن ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي.

ايف بي آر مالي سان 21-2020ع جي پهرين مهيني 243 ارب ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو هو، پر ان دوران 3 سئو ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪري ورتي، جيڪا هدف کان 57 ارب رپين کان وڌيڪ آهي.

وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي سٺي ڪارڪردگي ظاهر ڪري ٿي.

هن چيو ته جولاءِ ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس ڪليڪشن بهترين رهي، جولاءِ ۾ 57 بلين رپين جي ٽيڪس گڏ ٿي جيڪا مقرر هدف کان وڌيڪ آهي.

وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪورونا کي روڪڻ لاءِ ڪامياب ڪوششن سان معاشي سرگرميون شروع ٿيون ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ واڌ معيشيت جي تيزي سان واپسي ترقي جي عڪاسي ڪري پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.