علي زيدي پاران مڪاني ادارن جي اختيارن لاءِ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿاڻا ۽ گند جا ڍير وڪاميل آهن، هتي حڪومت ناهي ڪا شئي نه آهي، هو مڪاني ادارن جي اختيارن لاءِ عدالت ويندو.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير علي زيدي چيو ته گذريل سال 160 ملي ميٽر برسات پئي هئي، سيڙپڪارن صفائي لاءِ ڪروڙين رپيا صفائي لاءِ ڏندو ڏنو هو.

هن چيو ته سنڌ ۾ ٿاڻا ۽ گند جا ڍير وڪرو ٿيندا آهن، گذريل برساتن ۾ هنن صفائي ڪرائي جنهن ڪري پاڻي نه بيٺو ۽ نالن ذريعي وهي ويو.

علي زيدي چيو ته ڪراچي ۾ اين ڊي ايم اي کي موڪلڻ تي وزيراعظم جو ٿورائتو آهي، هو ڪراچي صاف ڪري ڏيندا، الله ڪري سنڀالي رکن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪا حڪومت نظر نه پئي اچي، هو ڪراچي جي مڪاني ادارن کي اختيارن لاءِ عدالت ويندو، جئين ادارن ڪي اختيارن جو مسئلو حل ٿئي.

وفاقي وزير چيو ته سعيد غني ڌمڪيون ڏئي پيو، جنهن ڪري ڪراچي آيو آهي، هو چنيسر ڳوٺ جو دورو ڪندو، هو صوبي ۾ نئين حڪومت ٺاهڻ نه پر ڪراچي جي مدد لاءِ آيو آهي.

علي زيدي چيو ته بلاول جي پرڏيهه ۾ ڏيڍ ارب جو حسان ورتو ويندو ته اهي ڪٿان آيا؟..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.