”وزيراعظم جو برسات جي چئن ڏينهن کانپوءِ نوٽيس حيرت ۽ افسوس جوڳو آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي ۾ برسات تي نوٽيس هاڻ ورتو آهي، جنهن تي حيرت ۽ افسوس ٿئي ٿو.

ويڊيو بيان جاري ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ مينهن کي 4 ڏينهن گذري چڪا آهن، برساتي پاڻي نڪري چڪو آهي، عمران خان کي هاڻي ڪراچي ياد آيو پر ”بهت دير ڪردي مهربان آتي آتي“.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جماعت ۽ حڪومت طور ڪم ڪرڻ تي يقين نٿي رکي، تحريڪ انصاف جو هڪ ئي ڪم آهي اعلان ڪيو، واعدا ڪيو ۽ ڪم نه ڪيو.

سندس موجب عمران خان چونڊن ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪراچي وارن کي رڳو خواب ڏيکاريا، گذريل ٻن سالن ۾ خان صاحب ڪو واعدو پورو نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.