اداڪارا يمنيٰ زيدي پنهنجو جنم ڏينهن ماءُ سان گڏ ملهايو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي انڊسٽريءَ جي ناليواري اداڪارا يمنيٰ زيدي پنهنجو 31هون جنم ڏينهن ماءُ سان گڏ ملهايو.

من موهڻي اداڪارا انسٽاگرام تي سالگرهه جون تصويرون جاري ڪيون، جن کي مداحن طرفان ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

يمنيٰ تاج پاتل ۽ ماءُ سان گڏ تصويرون جاري ڪندي لکيو ته جنم ڏينهن جي موقعي تي اهو تاج ماءُ تحفي طور ڏنو آهي.

اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ پنهنجي چاهيندڙن لاءِ محبت جو اظهار پڻ ڪيو.

يمنيٰ زيدي کي ساٿي فنڪارن سميت مداحن سالگرهه جون مبارڪون ڏيڻ سان گڏوگڏ اداڪارا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.