ڪورونا وائرس جرمنيءَ جي معيشت ڪيري ڇڏي

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ ڪورونا وائرس سبب معيشت ۾ زبردست لاٿ سامهون آئي آهي.

تازن انگن اکرن موجب سال جي ٻئي 6 مهينن ۾ مجموعي داخلي پيداوار يا جي ڊي پي ۾ 10.1 سيڪڙو لاٿ نوٽ ڪئي وئي.

اختيارين موجب 1970 کانپوءِ جڏهن کان جرمني 6 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪرڻ شروع ڪئي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو معيشت ۾ ايتري قدر تيزيءَ سان لاٿ ڏٺي وئي آهي.

يورپي يونين تازو هڪ تاريخي اقتصادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ان سان معيشت کي سهارو ملڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.