هانگ ڪانگ ۾ جمهوري حقن لاءِ سرگرم 12 اميدوار نااهل قرار

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ ۾ اختيارين سيپٽمبر ۾ قانون ساز اسيمبلي جي چونڊ لاءِ جمهوري حقن لاءِ سرگرم 12 شخصيتن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

اختيارين موجب اهي ماڻهو هانگ ڪانگ سميت چين سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

ان فيصلي کي هانگ ڪانگ ۾ جمهوري آزادين لاءِ متحرڪ ڌرين لاءِ وڏو ڌڪ سمجهيو پيو وڃي، ڇو ته اهي اميدوار چونڊن ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ لاءِ ڏاڍا پراميد هئا.

هانگ ڪانگ اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻين اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ اڃا جاري آهي ۽ وڌيڪ ماڻهو به نااهل قرار ڏئي سگهجن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.