آمريڪا ۾ ڪورونا وبا ڏيڍ لک حياتيون ڳڙڪائي وئي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب دنيا ۾ سڀ کان وڏيڪ متاثر آمريڪا ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ ڏيڍ لک کان وڌي ويو آهي.

اربع ڏينهن آمريڪا جي ٽن وڏين رياستن ڪيليفورنيا، فلوريڊا ۽ ٽيڪساس ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون سامهون آيون.

آمريڪا ۾ رڳو گذريل 11 ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ 10 هزار ماڻهو فوت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن.

آمريڪي صدر جي ان باوجود خواهش آهي ته وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاروبار کوليا وڃن پر ڪيتريون ئي مقامي اختياريون ۽ ماهر وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ چرپر محدود ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.