ڪورونا ڀارت کي وڪوڙي ڇڏيو، هڪ ئي ڏينهن 50 هزار نوان ڪيس

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 52 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

اهو ڀارت ۾ هيل تائين هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جي سامهون ايندڙ ڪيسن جو سڀ کان وڏو انگ آهي.

آبادي جي لحاظ سان دنيا جي ان ٻئي وڏي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ 16 لک، جڏهن ته وبا جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 35 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي.

ممبئي شهر ۾ ڪيل هڪ سروي موجب جهڳين ۾ رهندڙ وڏي آبادي مان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو ان وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

هڪ اندازي موجب ممبئي جي انهن غريب ترين علائقن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو رهن پيا.

واضح رهي ته ڪورونا ڪيسن جي لحاظ سان ڀارت هن وقت آمريڪا ۽ برازيل کانپوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.