گوگل طرفان واهپيدارن کي اهم فيچر مفت فراهم ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) گوگل ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي ويڊيو ڪانفرنسنگ سروس ميٽ کي سمورن جي ميل واهپيدارن جي لاءِ مفت ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ ان ڪمپني اهڙو ئي هڪ ٻيو اعلان ڪيو آهي.

گوگل طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته پهريون ڀيرو ويب سان گڏوگڏ انيڊرائڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن کي گوگل ون ڪلائوڊ اسٽوريج جي ڪجهه فيچر تائين مفت پهچ فراهم ڪندو.

ان سهولت مان اُهي ماڻهو به فائدو حاصل ڪري سگهندا جن جو گوگل ون اڪائونٽ نه هوندو.

ان سروس ۾ ٻنهي سروس موبائيل آپريٽنگ سسٽم جا واهپيدار پنهنجي فون جي ڊيٽا پاڻ ڪائونڊ تي محفوظ ڪري سگهندا جڏهن ته هڪ نئون اسٽوريج منيجر ٽول به ويب سميت سمورن موبائيل واهپيدارن جي لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

آٽوميٽڪ فون بيڪ اپ کي گوگل طرفان گذريل سال متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جي زريعي واهپيدارن نئين گوگل ون ايپ جي ذريعي هڪ بٽڻ ڪلڪ ڪري ٽيڪسٽ، تصويرون ۽ ويڊيوز کي ڪلائوڊ سروس ۾ محفوظ ڪري سگهندا.

ان فيچر ۾ 15 جي بي اسٽوريج گوگل اڪائونٽس جي ذريعي واهپيدارن کي ملندو آهي ته فون جي خراب ٿيڻ سان گم ٿيڻ سان تي به سمورا تفصيل ڪائوڊ سروس ۾ محفوظ رهندا.

سولن لفظن ۾ چئجي ته واهپيدارن کي گوگل طرفان ان سروس جي تحت 15 جي بي اسٽوريج مفت ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.