ڪوٽڙي: نوجوان پاران مبينا طور آمريڪي عورت سان فراڊ جو انڪشاف

عوامي آواز رپورٽ
ڪوٽڙي: نوجوان پاران مبينا طور آمريڪي عورت سان فراڊ جو انڪشاف
عوامي آواز رپورٽڪوٽڙي: نوجوان پاران مبينا طور آمريڪي عورت سان فراڊ جو انڪشاف

ڪوٽڙي ۾ نوجوان پاران مبينا طور شادي جو آسرو ڏئي آمريڪي عورت سان لکين روپين جو فراڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد نوجوان کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو ، ڪوٽڙي جي اوٺا ڳوٺ جي رهواسي  ڀائرن ريحان بيگ  ۽ شايان بيگ  مٿان آمريڪي عورت جي فرياد تي ٺڳي جو ڪيس داخل ڪيو ويو . ٻئي طرف جوابدار ريحان ۽ شايان جي ڀاء جي درخواست  تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو پڻ هنيو ويو،  فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران هنيل ڇاپي دوران پوليس ٻنهي گرفتار ٿيل ڀائرن مٿان ٺڳي جي ڪيس ۾ داخل ايف آء آر ڏيکاري جوابدار ريحان جي  گرفتاري ظاهر ڪئي. آميريڪي عورت پيٽريشا ميرون جو چوڻ آهي ته جوابدار ريحان شادي جو آسرو ڏئي هن سان دوستي رکي بعد ۾  اسڪول هلائڻ لاء مدد گهري ،هن کيس مختلف وقتن تي  45 لک رپيا ڏنا ،گرفتار جوابدار ريحان جو چوڻ هو ته عورت سان سندس دوستي 45 لک رپيا وٺڻ واري ڳالھ ڪوڙي آهي عدالت ۾ ثابت ڪندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.