وفاق جو هاڻ سئو سيڪڙو ڌيان ڪراچي تي آهي: عمران اسماعيل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪراچي کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو، ان معاملي تي هڪٻئي تي الزام هنيو ويندو آهي.

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي ۾ بليم گيم آهي، ڪو مسئلا حل نه پيو ڪري، وزيراعظم کي چيو آهي ته ڪراچي ائين نٿو هلي سگهي.

هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي ۽ ايف ڊبليو او اختياريون ڪراچي آيون، جڏهن ته وفاق جو ڌيان هاڻ سئو سيڪڙو ڪراچي تي آهي، ڪراچي ۾ صفائي جو ڪم تڪڙي شروع ٿي ويندو، بند نالن کي کولڻ جو ڪم تڪڙي شروع ڪيو ويندو ۽ نالن مان نڪرندڙ ڪچرو مناسب هنڌ ٺڪاڻي لڳايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ برساتن دوران مڪاني نظام فيل ٿي ويو، شهرين تي جيڪا گذري، اسان ان جو اندازو به نٿا لڳائي سگهون، سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.

ان موقعي تي ميئر وسيم اختر چيو ته ڪراچي جي سڀني مسئلن جو حل آرٽيڪل 140 اي ۾ لڪيل آهي، وزيراعظم آئين تي عمل ڪرائي، ڪراچي جي چونڊيل ماڻهن کي اختيار ۽ وسيلا ملڻ گهرجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.