ڪوٽڙِي: سانگهڙ جي نجي جيل مان ڀڄي نڪتل هارين جي احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڪوٽڙِي: سانگهڙ جي نجي جيل مان ڀڄي نڪتل هارين جي احتجاج
عوامي آواز رپورٽڪوٽڙِي: سانگهڙ جي نجي جيل مان ڀڄي نڪتل هارين جي احتجاج

ڪوٽڙي ۾ سانگهڙ جي علائقي پيرونمل جي بااثر زميندار جي قيد مان ڀڄي نڪتل متاثر هاري تحفظ ۽ انصاف لاء ڪوٽڙي پريس ڪلب پهچي ويا، پيرونمل جي متاثر هارين رحيم بخش خاصخيلي، مور زادي خاصخيلي ۽ ٻين عورتن ۽ ٻارن سميت پريس ڪلب ڪوٽڙي پهچي پرونمل جي زميندار عبدالحق رند ۽ ان جي پٽ اشتياق رند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي سندن چوڻ هو  ته زميندار عبدالحق وٽ ٽي سال هارپو ڪيو آهي پر سندس ظلمن کان تنگ اچي وجھ وٺي رات جو سندس نجي جيل مان ڀڄي ڪوٽڙي جي هاري ڪئمپ ۾ اچي پناھ ورتي آهي.هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پسند خاصخيلي کي زميندار کان آزاد ڪرائي سندن ٻڪريون واپس ڏياريون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.