ٺٽو: مسافر بسين تي پابندي سبب 3 هزار محنت ڪش بيروزگار

عوامي آواز رپورٽ
ٺٽو: مسافر بسين تي پابندي سبب 3 هزار محنت ڪش بيروزگار
عوامي آواز رپورٽٺٽو: مسافر بسين تي پابندي سبب 3 هزار محنت ڪش بيروزگار

ڪراچي کان  مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر بسين تي مسلسل پابندي جي ڪري رڳو 5 ضلعن جا 3 ھزار کان وڌيڪ محنت ڪش بيروگار ٿي ويا ، ڪورونا وائرس جي وبا سبب حڪومت ھڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين مسافر بسين ۽ ٽرانسپورٽ تي پڻ بندش هنئي هئي، ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ جيئن ئي مسافر بسين ڪراچي جي لي مارڪيٽ جي بس اڏي تان بدين، شاھ يقيق، دڙو، جاتي ۽ ٻين شھرن طرف ٻيھر  روانگي جو سلسلو شروع ڪيو ته  ڪراچي پوليس کين روڪي ورتو ۽  اڏي تي موجود ڪيترن ئي بس مالڪن، بس ڪنڊيڪٽرن ۽  ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ڪجھ ڪلاڪ کان پو۽ ڇڏي ڏنو. مسافر بسين جي اندروني سنڌ طرف روانگي تي مسلسل بندش ھڻڻ جي ڪري ٺٽي ضلعي سميت سجاول ، بدين ،ملير ۽ ڪراچي سان تعلق رکندڙ 3 ھزار کان وڌيڪ روزانو ڪمائي روزانو کائيندڙ پورھيت بيروگار ٿي فاقا ڪشي کي منھن ڏيڻ لڳا آھن ، بيروزگار ٿيل پورهيتن وزيراعلي سنڌ ۽ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ڪراچي کان ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر بسين کي هلڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن پورھيت پنھنجو روزگار ڪري سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.