ٽنڊو آدم: 2002 ۾ هٿ آيل 2 هينڊ گرنيڊز کي ناڪاره بڻايو ويو

عوامي آواز رپورٽ
ٽنڊو آدم: 2002 ۾ هٿ آيل 2 هينڊ گرنيڊز کي ناڪاره بڻايو ويو
عوامي آواز رپورٽٽنڊو آدم: 2002 ۾ هٿ آيل 2 هينڊ گرنيڊز کي ناڪاره بڻايو ويو

ٽنڊو آدم سٽي پوليس ٿاڻي  جي حد ۾  سال 2002 ۾  بدنام ڌاڙيل آدم رند جي قبضي مان هٿ آيل ٻن هينڊ گرنيڊز کي 18 سالن بعد عدالت پاران ڪيس ختم ڪرڻ بعد ناڪارھ بڻايو ويو، هينڊ گرنيڊ کي ناڪاره بنائڻ لاء  حيدرآباد مان بم ڊسپوزل يونٽ جي ٽيم اي ايس آء ڪريم بخش سولنگي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ محمد اعظم جي اڳواڻي ۾ ٽنڊي آدم پهتي ، شهر کان ٻاهر هل ٽاپ واري علائقي ۾ پوليس جي سخت پهري هيٺ ٻنهي هينڊ گرنيڊز کي ناڪارھ بڻايو  ويو، ان موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا ڪنهن به اڻوڻندڙ حالت کي منهن ڏيڻ لاء 2 ايمبولينس ۽ هڪ فائر برگيڊ گاڏي کي پڻ بيهاريو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.