”انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان چيو آهي ته مستقبل ۾  انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي.

پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي وسيم خان چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم طرفان انگلينڊ جي تازي دوري کي برطانيا ۾ ڏاڍو هاڪاري انداز ۾ ورتو پيو وڃي، ان ٽور سان مستقبل ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي ڏاڍو فائدو ٿيندو.

هن چيو مون کان سدائين پڇيو ويندو آهي ته توهان انگلينڊ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪري رهيا آهيو، واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته انگلينڊ سان ڪا ڊيل ناهي ڪئي، نه ئي ان لاءِ هي مناسب وقت هو.

سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ يقين آهي ته انگلش بورڊ ان وقت بهترين فيصلو ڪندو.

وسيم خان چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هاڻ رڳو پاڪستان نه ئي پر ورلڊ ڪرڪيٽ لاءِ فيصلا ڪري رهيو آهي، اسان کي سمجهڻو پوندو ته ايندڙ 6 مهينا ڪرڪيٽ نه کيڏي وئي ته آءِ سي سي کي معاشي نقصان ٿيندو، راندين جي سرگرمين جي شروعات معاشي اعتبار سان به ضروري آهي، راندين ۾ يڪجهتي جو وڏو حامي آهيان.

هن چيو ته اسان ڪڏهن رانديگرن جي حفاظت تي سوديبازي نه ڪئي، انگلينڊ مان وصول غير جانبدار اطلاعن موجب ڇوڪرن کي اتي مزو اچي رهيو آهي، مصباح الحق جي قيادت ۾ سمورو اسپورٽ اسٽاف ڇوڪرن کان مسلسل هيڊ بيڪ وٺندو رهندو آهي، يونس خان ۽ مشتاق احمد ٻڌايو ته ڇوڪرن جو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.