ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 1114 نوان ڪيس رپورٽ، 32 مريضن جو لاڏاڻو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 1114 نوان ڪيس سامهون آيا ۽ 32 فوتگيون به ٿيون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جون 21 هزار 628 ٽيسٽون ٿيون ۽ 1114 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪيسن جو انگ 2 لک 77 هزار کان وڌي ويو آهي.

ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيلن جو انگ 2 لک 46 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ هن وقت فعال مريضن جو انگ 25 هزار 347 آهي.

صوبن جي لحاظ سان سنڌ ۾ جتي هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽون ٿيون اُتي تصديقي مريضن جو انگ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 20 هزار 52 آهي، پنجاب ۾ 92 هزار 655، خيبرپختونخواهه ۾ 33 هزار 845، بلوچستان ۾ 11 هزار 708، اسلام آباد ۾ 14 هزار 987، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 65 ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار 90 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سان گڏيل طور تي وڌيڪ 23 ڄڻا فوت ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ فوتين جو گڏيل انگ 5924 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.