الله اهڙي ڪا بيماري نازل ناهي ڪئي، جنهن جو علاج نه هجي: حج جو خطبو

 

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) حج جي خطبي ۾ چيو ويو آهي ته دنيا تي ڏکيائيون الله طرفان امتحان آهي، الله جي حڪم سان ئي ڏکيائيون اينديون آهن پر الله اهڙي ڪا بيماري نازل ناهي ڪئي، جنهن جو علاج نه هجي.

مسجد نمرا ۾ شيخ عبدالله بن سليمان حج جو خطبو ڏيندي چيو ته شاهدي ڏيان ٿو الله کان سواءِ ڪو معبود ناهي ۽ الله جو شڪر ادا ڪيون ٿا، جنهن بي شمار نعمتون عطا ڪيون.

هن چيو ته دنيا تي ڏکيائيون الله طرفان امتحان آهي ۽ عبادتن سان ئي مصيبتن مان ڇوٽڪارو ملندو آهي، قرباني ۽ عبادتون خالص طور الله لاءِ ئي آهن، سڌي رستي تي هلڻ ۾ ئي ڇوٽڪارو آهي، تقويٰ سان انسان برائين کان بچي ٿو ۽ اهل تقويٰ جي صفن ۾ اولين صبر آهي، پاڻ سڳورن پنهنجي زندگي خير لاءِ وقف ڪئي، صبر تي ڪاربند رهندڙن لاءِ خير جي بشارت آهي.

حج جي خطبي ۾ فرضن ۽ عبادتن تي زور ڏيندي چيو ويو آهي ته دنيا تي ڏکيائيون الله طرفان امتحان آهي ۽ عبادتن سان ئي مصيبت مان ڇوٽڪارو ملي ٿو، الله هر شئي جو خالق آهي ۽ ان کانسواءِ ڪو معبود ناهي، مسلمان هر قسم جي بدعت ۽ برائين کان پري رهن، الله جي حڪم سان ئي مصيبتون اينديون ۽ وينديون آهن، ڏکيائيون دائمي ناهن، الله جو فرمان آهي ته هر ڏکيائي کانپوءِ سولائي آهي.

حج جي خطبي ۾ چيو ويو آهي ته دنياوي زندگي ڪڏهن مصيبتن ۽ ڏکيائين کان خالي ناهي هوندي، مصيبتون ۽ ڏکيائيون انسان کي الله جي هجڻ جو يقين ڏيارين ٿيون، الله انسان لاءِ ڏکيائيون نه سولائيون چاهي ٿو.

خطبي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسلام معاشري ۾ گڏيل احترام ۽ سٺي اخلاق جو درس ڏئي ٿو، اسلام مائٽن، عزيزن جو خيال رکڻ جو به درس ڏئي ٿو، الله جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ئي تقويٰ آهي، قرآن پاڪ ۾ آهي ته پاڻ سڳورا ئي آخري نبي آهن، پاڻ سڳورن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ئي ايمان آهي، قرآن پاڪ ۾ آهي ته معمولي مصيبت جو مقصد وڏي عذاب کان آگاهي آهي، اسلام صدقي ۽ خيرات ذريعي ڏکيائيون حل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو.

حج جي خطبي ۾ چيو ويو آهي ته قرآن پاڪ ۾ عدل ۽ انصاف جو درس ڏنو ويو آهي، اسلام ڪنهن به قسم جو فتنو پکيڙڻ کان روڪي ٿو، اسلامي تعليمات هر ان شئي کان پاسو ڪرڻ جو درس ڏين ٿيون، جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار هجن، الله پاڪ پيغمبرن کي نفس جي قرباني لاءِ موڪليو، الله پاڪ مرد ۽ عورت کي گڏيل احترام ۽ خيال رکڻ جو درس ڏنو آهي، اسلام غريبن ۽ مسڪينن جي حقن جو تحفظ رکڻ جو به درس ڏئي ٿو.

شيخ عبدالله بن سليمان چيو ته پاڻ سڳورن فرمايو جيڪڏهن ڪنهن هنڌ وبائي مرض پکڙجي ته اتي نه وڃو، جتي وبائي مرض هجي، اتان جا ماڻهو ڪنهن ٻئي هنڌ نه وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.