ڪو به حاجي سڳورو ڪورونا ۾ متاثر نه آهي: سعودي عرب

رياض (ويب ڊيسڪ ) سعودي صحت واري وزارت چيو آهي ته ڪنهن به حج پانڌيئڙي ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق نه ٿي آهي، ڪو به ڪورونا سبب متاثر نه ٿيو آهي.

سعودي صحت واري وزارت جي ترجمان موجب، حڪومت حاجين کي صحت جون سهولتون ڏئي رهي آهي، اهم هنڌن تي اسپتالن ۽ ايمبولينسز جي سهولت پڻ ڏني پئي وڃي.

ترجمان موجب، ترت ڪنهن به طبي امداد لاءِ 50 حاجين جي ٽولي لاءِ هڪ طبي ورڪرز به مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 40 هزار مختلف کاتن جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، ميدان عرفات جي ويجهو خاص ايئرپورٽ قائم ڪرڻ بابت به غور ڪيو پيو وڃي.

حج دوران شيطان کي پٿريون هڻڻ وارو رڪن اميني ۽ ٽين ماڙ تان ڪرايو ويندو، جنهن لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، حاجين کي جمرات جي پل تي آڻڻ لاءِ گالف وارين گاڏين جو انتظام ڪيو ويو آهي، رمي دوران سماجي وٿي لاءِ پڻ هدايتون ڏنيون ويون آهن.

موسم خوشگوار بڻائڻ لاءِ ۽ روڊن جو گرمي پد گهٽ رکڻ لاءِ ڦهاري جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.