پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ 14 رڪني انگلش اسڪواڊ جو اعلان

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 14 رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ لاءِ 14 رڪني انگلش اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي آخري ميچ کٽيندڙ رانديگرن کي برقرار رکيو ويو آهي.

انگلينڊ جي 14 رڪني اسڪواڊ ۾ جو روٽ (ڪپتان)، جيمز اينڊرسن، جوفرا آرچر، ڊومينڪ بيس، اسٽيورٽ براڊ، روري برنس، جوز بٽلر، زيڪ ڪرولي، سيم ڪرن، اولي پوپ، ڊوم سبلي، بين اسٽوڪس، ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي شروعات 5 آگسٽ کان مانچسٽر ۾ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.