ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ طور طريقا تبديل ڪرڻا پوندا: ڊبليو ايڇ او

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جو طريقي ڪار تبديل ڪرڻو پوندو.

عالمي اداري جي اهلڪار مارگريٽ هيرس موجب جرمني جهڙن ملڪن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ جو سبب احتياطي ضابطن کي نظرانداز ڪرڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا جي چئلينج کي پهرين، ٻي يا ٽين لهر ۾ بيان ڪرڻ گمراهه ڪندڙ آهي، ڇو ته وائرس ويو ناهي پر هر وقت اسان سان گڏ آهي.

هن چيو اسان کي سمجهڻو پوندو ته اسان هڪ نئين دور مان گذري رهيا آهيون، جنهن ۾ اسان کي پنهنجا طور طريقا تبديل ڪرڻا پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.