ماڻهن جي ڳالهين کي زندگي ۾ گھڻي اهميت نه ڏجي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا هانيا عامر ۽ گلوڪار عاصم اظهر گھڻي عرصي کان گڏ آهن ۽  مداح کين مستقل جي ساٿي طور به ڏسندا هئا.

سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان هانيا عامر جي تقريبن هر پوسٽ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هانيا هڪ ٽي وي شو ۾ عوام کي مشورو ڏيندي چيو ته ڪنهن بابت تبصرو نه ڪيو، ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي، سڀ ڪو پنهنجين حالتن ۽ پنهنجن معاملن کي بهتر ڄاڻي ٿو.

هن چيو ته پنهنجي معاملن تي به ڪنهن کي جواز پيش نه ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن کي موقعو ڏيو ته اهو اوهان کي ٻڌائي ته اوهان سٺا آهيو يا خراب.

سندس چوڻ هو ته ضرورت نه آهي ته ڪو کيس ٻڌائي ته هوءَ سٺي آهيان يا نه.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته انسان کي پاڻ تي اعتماد هئڻ گھرجي ماڻهن جي ڳالهين کي زندگي ۾ گھڻي اهميت نه ڏجي، هانيا مشورو ڏنو ته پاڻ سان سچا رهيو ۽ پنهنجي خدا تي يقين رکو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.