ڪراچي ۾ روڊن تي قرباني تي پابندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر ۾ روڊن تي قرباني تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شلواڻي جي صدارت هيٺ قرباني جي جانورن جي باقيات کڻڻ ۽ انهن کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي انتظامن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪمشنر افتخار شلواڻي چيو ته ڪراچي ۾ روڊن تي قرباني جي اجازت نه هوندي، هر ضلعي ۾ مختلف وارڊن ۾ قرباني لاءِ مرڪز مقرر ڪيا ويا آهن.

پڌرائيءَ موجب اولهه ضلعي ۾ قرباني لاءِ 120 مرڪزن تي قرباني جي اجازت هوندي، جڏهن ته سينٽرل ضلعي ۾ 119، اوڀر ضلعي ۾ 60 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملير ضلعي ۾ 38 ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ 120 مرڪز مقرر ڪيا ويا آهن.

افتخار شلواڻي چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن جي مشاورت سان باقيات کڻڻ ۽ ٺڪاڻي لڳائڻ جا قدم کنيا وڃن.

هن چيو ته سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ انهن جو عملو عيد جي موڪلن دوران فيلڊ ۾ رهندو، جڏهن ته مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ عملي جون موڪلون به رد ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.