”اپوزيشن ايف اي ٽي ايف تي قانون سازي لاءِ نيب قانونن ۾ ترميمن جو شرط رکيو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ نيب قانونن تي 10 ڪلاڪن ۾ ترميم چاهين ٿيون، پنهنجي دور جي 10 سالن ۾ ته اهي ترميم نه ڪري سگهيا.

اسلام آباد ۾ شهزاد اڪبر ۽ مليڪه بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ اهم بل پيش ٿيا ۽ پاس ڪيا ويا آهن، انهن بلن جي اهميت ان لاءِ آهي ته پاڪستان کي گري کان وائٽ لسٽ ۾ وجهنداسين، ڀارت جي خواهش آهي ته پاڪستان بليڪ لسٽ ۾ وڃي، بليڪ لسٽ ۾ وياسين ته ملڪ جون معاشي حالتون بگڙي سگهن ٿيون.

هن چيو ته انهن قانونن کي گهٽ وقت ۾ طئي ۽ پاس ڪري ايشيا پيسيفڪ گروپ کي موڪلڻو آهي، آڪٽوبر ۾ انهن بلن تي پاڪستان بابت رپورٽ تيار ڪئي ويندي، اپوزيشن کي انهن قانونن لاءِ ڳالهه ٻولهه جو چيو ته اهي راضي ٿيا، اپوزيشن چيو ته ايف اي ٽي ايف تي تڏهن ڳالهائينداسين، جڏهن نيب قانونن ۾ ترميمون ٿينديون، اسان اپوزيشن جي ڳالهه تي عمل ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو مفاد سامهون رکندي بليڪ ميل نه ڪيو، نه ئي هيءَ حڪومت بليڪ ميل ٿيندي، ڊيل نه ڪيو، اسان نيب تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، پنهنجي بنيادي مسئلن تي سوديبازي نه ڪنداسين، باقي ڳالهين لاءِ اسان جا دَر کليل آهن.

ان موقعي تي شهزاد اڪبر چيو ته اپوزيشن جي تجويز آهي 1999 کان اڳ جي ڪرپشن حلال قرار ڏني وڃي ۽ 5 سالن کانپوءِ ڪرپشن سامهون اچڻ تي ڪارروائي نه ٿئي.

هن چيو ته اڄ ڪو ذاتي فائدي جو قانون منظور نه پيا ڪرايون، ٽيرر فنانسنگ جي ڏوهه جي سزائن کي سخت ڪيو ويو آهي، گڏيل قانون تي اپوزيشن اتفاق نه پئي ڪري، اپوزيشن جي سڄي ڪاوڙ پنهنجي نيب ڊرافٽ سبب آهي، اڳوڻي وزيراعظم ڪلڀوشن تي سڄو ليڪچر ڏنو، اها ڪلپ ته آءِ سي جي ۾ ڏيڻ گهرجي ته ڪلڀوشن جا همدرد اسيمبلي ۾ موجود آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.