سنڌ حڪومت به عيد الاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان عيد الاضحيٰ جي لاءِ 3 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

خدمتن واري کاتي عام انتظاميا ۽ رابطن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيدالاضحيٰ جون موڪلون 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين هونديون.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت به 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين عيدالاضحيٰ جي ٽي ڏينهن موڪلن جو اعلان ڪيو هو.

21 جولاءِ تي مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ذوالحج جو چنڊ نظر نه اچڻ ۽ عيد الاضحيٰ پهرين آگسٽ ڇنڇر ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.