لعلورائنڪ : نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
لعلورائنڪ : نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽلعلورائنڪ : نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ محمد عرس بليدي ۾ 9 ڏينهن اڳ مبينا طور ڏنڊا هڻي قتل ڪيل 35 ورهين جي محمد زمان بليدي جو قتل ڪيس حد جي ڊگهه پوليس طرفان داخل نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ بليدي برادري پاران احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سڪندر بليدي. برڪت علي بليدي ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته 9 ڏينهن اڳ فصل جي ڀيل جي معاملي تان جوابدار محمد علي چانڊيو، نجم چانڊيو. ۽ ٻين مقتول محمد زمان بليدي کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو، هنن چيو ته هو مقتول جو لاش کڻي حد جي ڊگھ ٿاڻي تي پهتا ته اتي موجود ايس ايڇ او چيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي ته پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪنداسين، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.