جوهي واسي مسڪين پورهيت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ،واهر جي اپيل

عوامي آواز رپورٽ
جوهي واسي مسڪين پورهيت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ،واهر جي اپيل
عوامي آواز رپورٽجوهي واسي مسڪين پورهيت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ،واهر جي اپيل

جوهي واسي مسڪين پورهيت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو، غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر وس وارن کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي ،ضلعي دادو جي تعلقي جوهي جي ڳوٺ علي مرتضي’ جي رهواسي مسڪين پورهيت رمضان علي لغاري پنهنجي ڀاڻج علي حسن لغاري سان گڏجي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته هو گذريل هڪ سال کان ڪينسر جي موضي مرض ۾ مبتلا  آهي،  دادو توڙي ڄامشورو ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاء دربدر ٿيندو رهي ٿو پر ڪنهن به اسپتال ۾ کيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي ، هن ٻڌايو ته هو مسڪين پورهيت آهي، هن صحت کاتي جي اعلي’  اختيارين ۽ ٻين وس وارن کي  اپيل ڪئي ته سندس واهر ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.