”فواد چوڌري کي ڪئلينڊر ٺاهي ڏيندڙ اسان جي ڪميٽي جا ميمبر آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته عيد 3 ڏينهن هوندي آهي، عمران خان سومر ڏينهن به موڪل جو اعلان ڪري.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته سائنس ۽ عالمن ۾ ڪو اختلاف ناهي، اسان جي سائنس جي خبر آهي، جيتري سائنس فواد چوڌري ڄاڻي ٿو، ايتري اسان به ڄاڻون ٿا، موسميات کاتي جا ميٽرولاجسٽ ۽ سائنسدان اسان سان گڏ آهن، اسان جي ڪميٽي ۾ شامل آهن.

هن چيو ته جيتريون ڊگريون فواد چوڌري وٽ آهن، ايتريون اسان وٽ به آهن، چيف جسٽس به چيو ته سوشل ميڊيا بي قانو ٿي وئي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سوشل ميڊيا جي حوالي سان قدم کنيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته جن فواد چوڌري کي ڪئلينڊر ٺاهي ڏنو، اهي اسان جي ڪميٽي جا ميمبر آهن، 25 سالن کان ڪميٽي کي هلائي رهيا آهيون، فواد چوڌري ڪٿان سائنسدان اچي ويو؟

مفتي منيب الرحمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون کي هڪ سال ٿيڻ وارو آهي، ڪشمير جي معاملي تي عالمي سطح تي ڀارت کي واضح پيغام نه ڏنو ويو، حڪومت ٺهراءَ پاس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.