زندگي جو ڏيئو اجهائڻ سولو ناهي

غازي بجير

سدائين مصيبتن جي ماريل ڏيهه ٿرپارڪر جي نوجوانن جو خودڪشيون ڪرڻ مقدر ڇو ٿو بڻجي، هر روز ٿر ۾ وڌندڙ خودڪشين جي واقعن مارئي جي هن ديس کي ڳڻتي ۾ ڳاري ڇڏيو آهي، ٿر جي ٻهڪندڙ گهرن مان هاڻي “تقدير ڦٽل هئي” “مقدر ۾ لکيل هو” وارا جملا ٻڌي ڄڻ پيو جيءَ جهرندو آهي. ٿرپارڪر جي 7 ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، ننگرپارڪر ۽ ڏاهلي جي ڳوٺن ۾ خودڪشين جا واقعا ڄڻ معمول بڻجي چڪا آهن، روزاني هڪ يا 2 خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن، پنجن سالن جو رڪارڊ ڏسبو ته هر سال خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي، جن ۾ اڪثر ڪري نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن خودڪشيون ڪيون آهن. خودڪشيون ڪندڙن جو ٿر ۾ پهريان پوسٽ مارٽم ئي نه ٿيندو هو، ميڊيا جي گهڻي پريشر بعد پوسٽ مارٽم ته ٿين ٿا پر اُنهن جي رپورٽ منظرعام تي نٿي آندي وڃي ۽ خودڪشي کي دماغي توازن صحيح نه وارو جملو چئي واقعي کي لئه مٽي ڪيو ويندو آهي، اسان جي نظر ۾ اها ڳالهه درست ناهي، خودڪشين جا ٻيا ڪيترائي سبب هوندا آهن، گهرو پريشانيون، بيروزگاري، غريب، بيماري، تشدد ۽ ٻيا سبب شامل آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ٽن چئن ڏينهن بعد پوليس واقعي جي سموري جاچ شروع ڪري ته جيئن وارثن کي ڪجھ وقفو ملي ۽ هُو سوچي به سگهن ته هاڻي ڇاڪجي، پر هتي خودڪشي جي فورن واقعي بعد پوليس پاران ٿيندڙ پڇاڳاڇا ڪرڻ سبب خودڪشين ڪندڙ جا مائٽ صحيح موقف ناهي ڏئي سگهندا.

ٿر ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون اچي چڪا آهن جن جي وارثن پهرين واقعي کي دماغي توازن دُرست نه هجڻ جو ڪارڻ ڄاڻايو ۽ ڪجھ هفتن بعد ساڳين ئي ماڻهن ميڊيا سامهون اچي احتجاج شروع ڪيا ته واقعو خودڪشي ناهي جاچ ڪئي وڃي. خودڪشي ڪندڙ فوتي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به پوليس حوالي ڪرڻ بعد پوليس پاڻ ليبارٽري ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائيندي آهي، پوليس اهلڪار جُزا کڻي حيدرآباد ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائيندا آهن ۽ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ظاهر ئي ناهي ڪئي ويندي. غريب متاثر ڌُر وٽ ايترا ڏوڪڙ ناهن هوندا جو هُو روز پوليس اسٽيشنن جا چڪر لڳائي، هڪ ته غربت، بيروزگاري ۽ ٻيو پيسو نه هجڻ ڪري ماڻهو واقعي جي اصل حقيقت ناهي ڄاڻي سگهندا ۽ تقدير خراب هئي وارو جملو سامهون اچي ويندو آهي.

هن وقت ڳڻتي جي ڳالھ اِها آهي ته ٿر ۾ گذريل 5 سالن دوران وڌندڙ خودڪشين جي واقعن جا اثرات ٻارڙن تي پئجڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن سبب هاڻي ننڍي عمر جا ٻارڙا به خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ٿر ۾ هن وقت 4 کان 5 اهڙا خودڪشين جا واقعا سامهون آيا آهن، جن ۾ ننڍي عمر يعني 13 کان 14 ورهين جي ٻارڙن خودڪشين ڪيون آهن، اهو عمل انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، هاڻي ته ٿر جو نئون نسل به داءَ تي لڳي چڪو آهي.

هاڻي ڪرڻ ائين گهرجي ته خودڪشين جي ٿيندڙ واقعن جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ هن معاملي جو نوٽيس وٺي سيشن ججز کي اختيار ڏئي ته عدالت خودڪشي واري واقعي جي پاڻ جاچ ڪري، اُنهيءَ سان گڏ خودڪشين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آهي، سنڌ جي سول سوسائٽي، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن سميت هر پڙهيل لکيل نوجوان کي گهرجي ته پنهنجن ڳوٺن ۾ وڃي خودڪشين بابت عوام ۾ جاڳرتا مهم هلائين، هتان جي چونڊيل نمائندن سميت اپوزيشن ۽ سياسي سماجي ڌرين کي به هن اهم اشوز تي آواز اُٿارڻ گهرجي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هن معاملي تي خاص ڌيان ڏئي ۽ پوليس کي وڌيڪ هدايتون جاري ڪيون وڃن ته هُو خودڪشي جي واقعن جي گهڻ رخي جاچ ڪري هر واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪري، واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ سان خبر پئجي ويندي ته خودڪشي ڇو ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.