قرباني واري عيد ۽ مال پڙين ۾ مهانگائي سبب ٻاڙائي

حسيب لطيفي

قرباني واري عيد عيدالضحيٰ ۾ باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن، پر مهانگائي عروج تي هجڻ ڪري مال پڙين ۾ خريدارن جي رش نظر نٿي اچي، ڪورونا وبا جي ڪري ڪاروباري طبقي ۽ توڙي عام مزدور اڳ ئي متاثر هو، پر مٿان وري مهانگائي جي طوفان عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، مال پڙين ۾ ڍور ته موجود آهن، پر خريدار نٿا ملن، مالوند ماڻهو توڙي سيزن جا واپاري ڍور ڪاهي مال پڙين جو رخ ڪري رهيا آهن، پر مال پڙين ۾ پهچڻ کانپوءِ کين تمام گهڻو مايوس ٿيڻو پوي ٿو، اها به هڪ حقيقت آهي قرباني جي لاءِ جانور خريد ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي، جانورن جا اگهه به چوٽ چڙهيل آهن، ڇو ته مهانگائي جو اثر هر ڪاروبار تي ٿئي ٿو.

ڪورونا وبا جي ڪري حڪومت پاران مال پڙين جي لاءِ ايس او پيز ٺاهيون ويون آهن، پر انهن ايس او پيز تي جيئن لاڪ ڊائون وارن ڏينهن ۾ عوام عمل نه ڪيو تيئن مال پڙين ۾ خريداري ۽ وڪري دوران عوام عمل نٿو ڪري، جڏهن ته انتظاميا ايس او پيز تي عمل ڪرائيندي نظر به نٿي اچي.

عام ڏينهن ۾ مال پڙين ڪاروبار جو مک ڏينهن اربع مقرر هوندو آهي، پر قرباني جي عيد وارن ڏهاڙن ۾ 15 کان 20 ڏينهن اڳ مال پڙين ۾ رونق هوندي آهي. واپاري مختلف علائقن مان سفر ڪري پنهنجا مال ڍور ڪاهي اچن ٿا، ڪي جانور وٺڻ ايندا آهن ته ڪي  پنهنجا جانور وڪرو ڪرڻ اچن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وري بس رڳو جانور ڏسڻ به ايندا آهن. مهانگائي جي دور ۾ جانورن جا اگهه وڌي وڃڻ ڪري ماڻهو مناسب قيمت تي جانور خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جڏهن ته جانورن جي پالنا تي وڏو خرچ ۽ محنت ڪري جانورن کي تيار ڪندڙ مالوند ماڻهو پڻ پنهنجي محنت جو مناسب اجورو ملڻ جي اوسيئڙي ۾ هوندا آهن.

حيدرآباد جي سڀ کان وڏي مال پڙي جيڪا هٽڙي ٿاڻي واري علائقي ۾ موجود آهي اتي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ميرپورخاص، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، مٽياري، ڀٽ شاهه، ڄامشورو ۽ ٻين علائقن جا مالوند ماڻهو ۽ واپاري پنهنجا ڍور ڪاهي وڪرو ڪرڻ لاءِ پهچن ٿا، مال پڙي ۾ ڪڏهن گهٽ خريدار ته ڪڏهن گهڻا خريدار هوندا آهن، خريدارن جو چوڻ هوندو آهي ته هر دفعي جانورن جي اگهن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو آهي، خريدارن جو چوڻ آهي ته گذريل سال کان هن ڀيري جانورن جي اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي آهي، واپاري توڙي مالوند ماڻهو سڀئي پريشان نظر اچي رهيا آهن، جانور خريد ڪندڙ ماڻهو اگهه ٻڌي پريشان ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته جانور وڪرو ڪندڙ ماڻهو صحيح اگهه نه ملڻ جون دانهون ڪندي نظر اچي رهيا آهن، اهڙي صورتحال جي ڪري مال پڙين ۾ ٻاڙائي نظر اچي رهي آهي.

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن شهرن کي ويجهو ايندڙ هٽڙي ويجهو باءِ پاس تي لڳل مال پڙين ۾ سهولتن جي کوٽ به آهي، پاڻي ۽ بجلي سميت سمورا انتظام رولڙي جو شڪار آهن، انتظاميا پاران ڪنهن به قسم جي سهولت نه ملڻ ڪري مال پڙي ۾ پنهنجا ڍور وڪري لاءِ آڻيندڙ مالوند ماڻهو توڙي واپاري سخت پريشان نظر ايندا آهن، مال پڙي انتظاميا پاران مختلف صورتن ۾ ماڻهن کان ٽيڪس اڳاڙي ڪيو وڃي ٿو، پر ڪا به سهولتن موجود ناهي هوندي.

قرباني واري عيد ويجهو ايندي ئي حيدرآباد جي روڊن رستن تي مال پڙيون لڳي وينديون آهن، مال پڙي جي آزار ۽ تڪليفن کان بچڻ لاءِ حيدرآباد جي مک روڊن تي وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجا ڍور ڪاهي اچي بيهاري ڇڏيندا آهن، جنهن کانپوءِ روڊن ۽ رستن تي تمام گهڻي رش لڳي ويندي آهي، جيئن ئي عيد ويجهو ايندي ته حيدرآباد ۾ اڳ جيان هن ڀيري به اهڙي صورتحال نظر اچڻ جا امڪان آهن، ان صورت ۾ حيدرآباد شهر ۾ ٽريفڪ تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي ۽ شهرين کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.