ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ناري جي عدم بازيابي تي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ملير کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناري جي اغوا خلاف داخل درخواست تي جسٽس عبدالمالڪ ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عبدالمالڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇوڪري کي آسمان کائي ويو يا زمين ڳِهي وئي، ڇوڪري ڪٿي آهي، اڃا تائين بازياب ڇو ناهي ٿي؟

جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جوابدار محمد علي خلاف ڪيس داخل آهي، جوابدار دادو فرار ٿي ويو آهي، گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالمالڪ ريمارڪس ڏنا ته رياست جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي تحفظ ڏئي، ڇوڪريءَ جي پسند جو پرڻو به ڪيو آهي ته کيس پيش ڪيو وڃي.

پوءِ عدالت نادرا کان جوابدار جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ناريءَ جي اغوا جو ڪيس سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ داخل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.