سنڌ پوليس جو هڪ ٻيو آفيسر ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

بدين (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جو هڪ ٻيو آفيسر ڪورونا وائرس سان وڙهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو.

بدين پوليس جي ترجمان موجب ڊي ايس پي عبدالستار ڪشميري ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ڇاتي ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف هئي.

ترجمان جو چوڻ هو ته عبدالستار ڪشميري کي اڳ ٽنڊي محمد خان ۽ پوءِ ڪراچي جي انڊس اسپتال داخل ڪيو ويو هو.

بدين پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته مرحوم آفيسر جو واسطو ماتلي سان هو ۽ هو ٽنڊي غلام حيدر تعلقي ۾ مقرر هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.