سکر: سنڌ ۾ 6 مهينن دوران 98 مرد ۽ عورتون ڪارنھن الزام هيٺ قتل

عوامي آواز رپورٽ
سکر: سنڌ ۾ 6 مهينن دوران 98 مرد ۽ عورتون ڪارنھن الزام هيٺ قتل
عوامي آواز رپورٽسکر: سنڌ ۾ 6 مهينن دوران 98 مرد ۽ عورتون ڪارنھن الزام هيٺ قتل

سکر ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سنڌ سھائي سٿ جي چيئرمين ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ سندس ٽيم ۾ شامل ٻين ميمبرن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  آهي ته ڪارنھن الزام ھيٺ سنڌ ۾ گذريل ڇهن مهينن دوران مجموعي طور 98 مرد ۽ عورتون ڪارنھن الزام هيٺ قتل ٿيا آهن،  جن  ۾ گھڻائي عورتن جي آھي جنھن ۾ 61 عورتون  ۽ 37 مرد شامل آهن. ھنن چيو ته اتر  سنڌ کي عورتن لاءِ مقتل گاهه بڻايو ويو آهي جيڪب آباد ۾ سڀ کان وڌيڪ 18 عورتون ۽ مرد قتل ٿيا آهن،  ٻئي نمبر تي گھوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ 17 عورتون ۽ مرد قتل ڪيا ويا جڏهن ته ٽئين نمبر تي ضلع ڪشمور ۾ 14 عورتون ۽ مرد گولين جو کاڄ بڻيا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.