سنڌ پوليس ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 3060 تائين پهچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ گذريل 5 ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا 109 نوان ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ان وبا جو شڪار اهلڪارن جو انگ 3060 تائين پهچي ويو.

تفصيل موجب سنڌ پوليس ۾ گذريل 5 ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا 109 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، هن وقت تائين 3060 جي لڳ ڀڳ آفيسر ۽ جواب ڪورونا وائرس کان متاثر ٿي چڪا آهن.

سنڌ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي خلاف فرضن جي ادائيگي دوران 17 پوليس آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي چڪا آهن، شهدائي پوليس ۾ 14 جو ڪراچي جڏهن ته 3 جوحيدرآباد رينج سان تعلق هو. علاج هيٺ آفيسرن ۽ جوانن جو انگ 1177 آهي.، 1866 آفيسر ۽ جوان صحتياب ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب ڪورونا وائرس مان متاثر اهلڪارن جو مڪمل طور تي خيال رکيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ روزاني جي بنياد تي قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا وائرس جي خلاف هر پهرين جٿي جي طور تي ڪم ڪندڙ آفيسر ۽ جوان خدمت انسانيت لاءِ انتهائي پرعزم ۽ بلند حوصلا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.