سنڌ حڪومت نالن جي صفائي، رين ايمرجنسي لاءِ ڪروڙين رپيا جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته رين ايمرجنسي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نالن جي صفائي ۽ ان بابت ٻين خرچن لاءِ 46 ڪروڙ 30 لک رپيا جاري ڪيا ويا.

سي ايم هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته 17 جولاءِ 2020ع تي سڄي ڪراچي لاءِ سولڊ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ ايفيشي اينسي پروگرام (سويم) جي تحت چوماسي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم ايمرجنسي ايڪشنز لاءِ خاص گرانٽ جي طور تي 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا هئا ۽ ان کي سيڪريٽري بلديات حڪومت جي اختيار ۾ رکيو ويو.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ چوماسي جي مينهن جي تيارين ۽ نالن جي صفائي لاءِ 2 جولاءِ تي وڌيڪ 22 ڪروڙ 90 لک رپيا جاري ڪيا ويا.

گڏوگڏ ئي هن ٻڌايو ته انهن 22 ڪروڙ 90 لک رپين مان ڪچري ۽ ملبي جي صفائي لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي 3 ڪروڙ رپيا، ڪمشنر حيدرآباد کي 7 ڪروڙ رپيا، ڪمشنر لاڙڪاڻي کي 2 ڪروڙ رپيا، ڪمشنر ميرپورخاص کي 3 ڪروڙ 10 لک رپيا، ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي 3 ڪروڙ 8 لک رپيا، ڪمشنر سکر کي 4 ڪروڙ رپيا ۽ سعدي ٽائون/مهرنا ڊرين جي صفائي لاءِ 40 لک رپيا شامل هئا.

هن چيو ته اِهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري سعدي ٽائون ۾ ٻوڏ واري صورتحال ناهي.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته رين ايمرجنسي بابت ڪمن جي لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي 9 ڪروڙ رپيا الڳ ڏنا پيا وڃن.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪجهه ذميوار شخصيرتن طرفان اِهو تاثر ڏنو ويو ته فنڊ جاري نه ڪيا ويا اِهو مڪمل غلط ۽ بي بنياد آهي.

گڏوگڏ ئي هن چيو ته اسان رين ايمرجنسيز، نالن جي صفائي ۽ ٻين ڪمن جي لاءِ شهر ۾ سيڙپڪاري هڻي رهيا آهيون. مراد علي شاهه جو اِهو به چوڻ هو ته عالمي بينڪ جي منصوبن تحت انهن نالن جي کي بهتر ڪيو وڃي، سمورن بند ماڳن ۽ رنڊڪن کي ٺيڪ ڪري مينهن جي پاڻي جو وهڪرو بهتر بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.