سزا خلاف اپيل تي عمر اڪمل کي وڏو رليف ملي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انڊپينڊنٽ ايڊجوڊيڪيٽر جج ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي حوالي سان ضابطن واري ڪيس بابت فيصلو ٻڌائيندي مٿس 3 سالن جي پابندي کي گهٽ ڪري 18 مهينا ڪري ڇڏيو.

فيصلو ٻڌائيندڙ رٽائرڊ جسٽس فقير محمد کوکر لاهور ۾ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ٻڌڻي ڪئي.

20 فيبروري تي پاڪستان سپر ليگ جي شروعات کان اڳ شڪي ماڻهن سان رابطن جي ٻن واقعن ۾ بورڊ کي رپورٽ نه ڪرڻ جي معاملي تي هلندڙ سال پي سي بي جي ضابطن واري ڪميٽي طرفان 3 سال پابندي خلاف عمر اڪمل اپيل داخل ڪرائي هئي.

پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي ضابطن تحت سڀني رانديگرن کي اهڙو اطلاع ڏيڻ ضروري آهي.

عمر اڪمل ٻنهي واقعن ۾ ڄاڻايل ضابطي جي آرٽيڪل 2.4.4 جي ڀڃڪڙي ڪئي.

ڪرڪيٽر جي وڪيل طيب رضوي جو چوڻ هو ته انڊپينڊنٽ ايڊجوڊيڪيٽر جي فيصلي تي شڪر ادا ڪيون ٿا ته هن اسان کي رليف ڏنو، اها سزا وڌيڪ گهٽ ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته اسان جهڙي فيصلي جو سوچي رهيا هئاسين، اهڙو فيصلو ناهي، ٻين ڪيسن ۾ ڪجهه رانديگرن کي سزا گهٽ ملي هئي.

ان موقعي تي عمر اڪمل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جج صاحب جو ٿورائتو آهيان، ڪوشش ڪنداسين ته سزا وڌيڪ گهٽ ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته مان فيصلي مان مطمئن ناهيان، وڪيلن ۽ گهر ڀاتين سان صلاح مشورو ڪري اڳتي لاءِ حڪمت عملي جو فيصلو ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.