شهر جو ٻڏڻ الميو آهي، ڪنهن کي احساس ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي ۾ برسات بعد ٻوڏ جي صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهر جو ٻڏڻ الميو آهي، ڪنهن کي احساس نه آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گندگي ۽ نالين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين شيخ، سينٽرل ضلعي ۾ گندگي ۽ نيڪال واري نظام تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت ڪراچي ميٽروپوليٽن ۽ ميئر جي آفيس مان آفيسرن کي طلب ڪيو.

جسٽس خادم حسين شيخ ريمارڪس ڏنا ته گند سبب برسات ۾ ڪراچي ٻوڏي ويو، جيڪو وڏو الميو آهي، ڪنهن کي احساس ناهي.

معزز جج رمارڪس ڏيندي چيو ته غير قانوني اڏاوتون ۽ گند نه کڄڻ سبب ڪراچي ٻڏو، پر هر ادارو هڪٻي تي الزام مڙهي پيو.

جسٽس خادم حسين شيخ ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا ڪنهن ڏٺو ته شهر ۾ برساتي پاڻي ۾ گاڏيون ٻڏل هيون؟، ماڻهو پنهنجن ٻارن کي گهرن مان ڪڍي سگهن پيا؟ ماڻهن جا گهر ۽ سامان تباهه ٿي ويا، ڇا هنن مان ڪو گندو پاڻي ۾ وڃي سگهندو؟

عدالت پڇاڻو ڪيو ته عيدالاضيٰ جي موقعي تي اوجهه ۽ ٻي گدلاڻ ٺڪاڻي لڳائڻ جو ڪهڙو بندو بست آهي؟، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت لاڳاپيل ادارن کي فنڊ جاري ڪندي، ان لاءِ بندوبست ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.