ڪورونا سبب خوراڪ جي پهچ متاثر، هر مهيني 10 هزار ٻار موت جو شڪار

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته ڪورونا سبب خوراڪ جي پهچ متاثر ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هر مهيني تقريبن 10 هزار ٻار موت جو شڪار ٿي رهيا آهن.

اهڙي ريت هڪ سال ۾ هڪ لک 20 هزار ٻار موت جي منهن ۾ وڃي سگهن ٿا.

هڪ تازي رپورٽ موجب خوراڪ نه ملڻ سبب هر مهيني ساڍا 5 لک کان وڌيڪ ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه متاثر ٿي رهي آهي ۽ اهي مختلف عارضن جو شڪار ٿي رهيا آهن.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته ٻارن ۾ غذائيت جي بحران تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ان جا وڏي عرصي تائين اثر رهندا ۽ اها صورتحال سڄي هڪ نسل جي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.