سوشل ميڊيا پوسٽن تي 5 عورتن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

 

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ سوشل ميڊيا تي نازيبا ويڊيوز پوسٽ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 5 عورتن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مصري عدالت عورتن کي سوشل ميڊيا تي مصري معاشري جي قدرن ۽ روايتن جي پامالي ڪرڻ ۽ نازيبا ويڊيوز سان عوامي جذبا مجروح ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزائون ٻڌايون آهن.

5 ئي عورتون سوشل ميڊيا ايپس ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي پنهنجون ويڊيوز پوسٽ ڪنديون هيون، جنهن جي ڏوهه ۾ کين 2 سال قيد ۽ 3 لک مصري پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

واضح رهي ته مصر ۾ سوشل ميڊيا پوسٽن تي پهريون ڀيرو عورتن کي سزا ٻڌائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.