حبيب جان هڪ ٻئي ڪيس ۾ اشتهاري قرار، دائمي گرفتاري وارنٽ جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت حبيب جان بلوچ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف پوليس مقابلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي جاچ آفيسر مفرور بابت رپورٽ جمع ڪرائي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا 6 جوابدار پوليس مقابلن ۽ گينگ وار جي ويڙهه ۾ مارجي چڪا آهن، مارجي ويلن ۾ ظفر بلوچ، شيراز ڪامريڊ، جبار جهينگو، فرحان موٽا، غفار نيازي ۽ راشد بنگالي شامل آهن.

رپورٽ موبج ڪيس ۾ 3 مفرور جوابدار حبيب جان بلوچ، اقبال احمد ۽ جمشيد سنارا اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا، تنهن ڪري جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو وڃي.

عدالت هڪ ٻئي ڪيس ۾ حبيب جان بلوچ سميت 3 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيندي مفرورن جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.