سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ لاٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه مسلسل وڌڻ کانپوءِ لهي ويو آهي ۽ في تولو سون هاڻ هڪ لک 22 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي اگهه ۾ 13 سئو رپيا لاٿ ٿي آهي، جيڪو هڪ لک 22 هزار 5 سئو رپيا في تولو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت هڪ هزار 114 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 5024 ٿي وئي آهي.

هوڏانهن عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ به سون جي قدر ۾ 12 ڊالر لاٿ ٿي آهي، جيڪو 1930 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.