ايشوريا راءِ  ۽ سندس ڌيءَ ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن ۽ سندس ڌيءَ اراڌيا بچن  جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچڻ بعد کين اسپتال کان  گھر وڃڻ جي اجازت  ڏني وئي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪورونا ورتل ايشوريا راءِ ۽ سندس ڌيءُ  طبيعت بگڙڻ تي اسپتال منتقل

ايشوريا راءِ جي مڙس اڀيشيڪ بچن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته هن جي گھرواري ۽ نياڻي جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي ۽ کين اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اميتاڀ ۽ اڀيشيڪ بچن کان پوءِ ايشوريا ۽ سندس ڌيءَ جي ڪورونا ٽيسٽ به مثبت اچي وئي

هن لکيو ته اوهان سڀني جي دعائن جي مهرباني، ايشوريا ۽ اراڌيا جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي ۽ کين اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، هاڻ هو گھر وڃي رهيون آهن.

اڀيشيڪ بچن وڌيڪ لکيو ته منهنجو والد ۽ آئون اڃا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.