ڪراچي ۾ عيد تي مينهن وسندو يا نه؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي به ڪراچي ۾ مون سون جي هڪ ٻئي سسٽم جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن کان وٺي چوماسيءَ جي هڪ نئين اسپيل جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب شهر جا روڊ تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته موسميات کاتي عيد تي هڪ ٻئي اسپيل بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هن وقت هوا جو گهٽ دٻاءُ عرب سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي ۽ ان جي شدت وڌيڪ ڪمزور ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب عيد دوران به مون سون جو سسٽم ٺهي سگهي ٿو پر اهو سسٽم ٺهڻ ۾ تبديلي به اچي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.