سون بلنديءَ جا نوان رڪارڊ جوڙي ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي مُلهه ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن بلندي جا نوان رڪارڊ جوڙي رهيو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ به في تولي سون جي ملهه ۾ هڪ ڌڪ ۾ 5 هزار هڪ سئو رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 23 هزار 8 سئو رپيا ٿي وئي آهي.

عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 46 ڊالر وڌي هڪ هزار 942 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي، جيڪا سيپٽمبر 2011 کانپوءِ تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.