عدالتي حڪم باوجود پاڪستان ۾ ”پب جي“ تان پابندي ختم نه ٿي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) آن لائن گيم ”پب جي“ تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي ٽي اي اختيارين جو موقف آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گيم تان پابندي ختم ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو، عدالت پي ٽي اي کي پهرين جولاءِ جي پابندي جي حڪم نامي جا تفصيل جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اختيارين موجب والدين ۽ شهرين طرفان 109 شڪايتون ۽ گيم بند ڪرڻ جون درخواستون وصول ٿيون، جنهن کانپوءِ پي ٽي اي پيڪا ايڪٽ تحت 23 جولاءِ تي تفصيلي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو جاري ڪيو.

پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته پب جي انتظاميا کان پڇيو ويو ته انهن 16 ورهين کان گهٽ عمر جي ٻارن کي گيم کان پري رکڻ، تباهي ۽ مجرماڻو مواد روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ ۽ پب جي کيڏندڙ ٻارن لاءِ ڪا ٽائم لائن مقرر ڪئي وئي آهي يا نه؟

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي موجب پب جي انتظاميا پي ٽي اي جي سوالن جو ڪو جواب نه ڏنو، جڏهن ته پنجاب پوليس گيم کيڏندڙ ننڍي عمر جي ٻارن جي آپگهاتن تي رپورٽ ڏني آهي.

واضح رهي ته پي ٽي اي پهرين جولاءِ تي پب جي گيم تي عارضي پابندي لاڳو ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق 24 جولاءِ تي پب جي تي پابندي بابت پي ٽي اي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي آن لائن گيم کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.