”اسان برساتي ڏيڏرن جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهون“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پوندڙ برسات جو پاڻي ڪڍڻ تي سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي بختاور ڀٽو زرداري لکيو ته جڏهن برسات ايندي آهي ته پاڻي ايندو آهي، سڄي رات روڊن جي نگراني ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃان ٿي.

هن چيو ته اڄ سڀ صاف ٿي ويو، بدقسمتي سان اسان برساتي ڏيڏرن جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهون، جيڪي برسات ٿيندي ئي نڪري پوندا آهن.

بختاور ڀٽو زرداري سوال ڪيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ جا وزير ڪٿي هئا؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.