علي زيدي جو پ پ تي ملڪ کي معاشي نقصان پهچائڻ جو الزام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته پ پ ڪراچي کان پلاند وٺي رهي آهي، واعدو آهي ته هاڻ چُپ نه ويهندس.

صحافين سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته هاڻ گهڻو ٿي ويو، ڪراچي واسين سان واعدو آهي ته چُپ نه ويهندس، جڏهن صوبائي حڪومت عوام جي مفادن تي ضرب لڳائڻ شروع ڪري ته ڪهڙو رستو ٿو بچي.

هن چيو ته پ پ ڄاڻي واڻي ڪراچي کي تباهه ڪري پاڪستان کي معاشي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صوبائي حڪومت بنا ڪنهن شرمندگي جي ورهين کان اسان کي لُٽيندي آئي آهي، ان مان صاف نظر اچي رهيو آهي ته پ پ ڪراچي کان پلاند وٺي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته جيستائين پاڪستان انهن ڏوهارين مان ڇوٽڪارو حاصل نٿو ڪري، اسان پنهنجي حقيقي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهنداسين.

علي زيدي چيو ته ڪراچي جي منظم تباهي جو معاملو وزيراعظم اڳيان رکندس ڇو ته وزيراعظم سدائين ڪراچي بابت گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم آئين موجب صوبن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.