جوهي واسين جي دانهن به ٻڌو

امتياز چانڊيو

پاڻي جي کوٽ جو شڪار جوهي واسين جا هي نعريٰ “پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيو، جوهي کي جيئڻ ڏيو” گهڻو عرصو جوهي جي رستن تي گونجڻ کان پوءِ نيٺ حيدرآباد جي رستن تي به گونجڻ لڳا آهن، وقت جي حڪمرانن جي ڪن لاٽار نيٺ جوهي واسين کي پنهنجي تحريڪ حيدرآباد تائين پهچائڻ تي مجبور ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ وري اعلان ڪيو ويو ته هيءَ تحريڪ هاڻي جيستائين جوهي واسين کي پاڻي نٿو ملي، تيستائين ماٺاري نه ٿيندي ۽ ٽئين مرحلي ۾ هيءَ تحريڪ ۽ جوهي واسين جو اٿندڙ آواز بلاول هائوس تائين پهچايو ويندو، پاڻي زندگي آهي ۽ جيستائين پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل نٿو ٿئي “پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيو” وارا نعريٰ گونجندا رهندا. حيدرآباد ۾ نڪتل ريلي ۾ سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن، قومپرست اڳواڻن، ليکڪن ۽ جوهي واسين شرڪت ڪئي ۽ چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن جوهي کي پاڻي ڏيڻ سميت پاڻي چوري تي ضابطو آڻي، غير قانوني لفٽ مشينون نه هٽايون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڪيتري ئي وقت کان وٺي جوهي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جوهي بئراج مان بااثر ماڻهن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ مختلف نالن سان واهه ۽ شاخون ڪڍيون ويون آهن، جنهن ذريعي جوهي شهر کان اڳيان ئي جوهي بئراج جو سمورو پاڻي انهن شاخن ۽ واهن ۾ کنيو وڃي ٿو، نتيجي ۾ جوهي تائين بئراج ۾ رڳو فصل ته پري جي ڳالهه پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو پهچي سگهي، جنهن ڪري جوهي واسي سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن، جوهي جي تاريخ جيتوڻيڪ زراعت جي حوالي سان تمام گهڻي نه رڳو سٺي پر مثالي رهي آهي، جوهي ۾ چانورن جو بمپر فصل لهندو هو، جوهي جون زمينون ايتريون ته سٺيون آهن، جو انهن ۾ جيڪو به فصل لڳندو آهي، اهو بهترين نتيجا ڏيندو آهي.

جوهي جو خوشبودار سڳداسي چانور نه صرف سنڌ پر سڄي ملڪ جي سڃاڻپ هوندو هو، جوهي جو سڳداسي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موڪليو ويندو هو، پر افسوس ته پاڻي جي کوٽ سبب هاڻي جوهي ۾ سڳداسي چانور ٿيڻ به مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي ۽ سبزيون به نه ٿيون ٿين، پاڻي نه اچڻ ڪري لکين ايڪڙ زمينون ڪيترن ئي سالن کان وٺي بنجر بڻيل آهن، سوين ايڪڙ زمينن جا مالڪ سخت معاشي پريشاني جو شڪار ٿي ڏکن واري زندگي گذاري رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ خلاف اتان جي آبادگارن مختلف تنظيمن سان گڏجي مختلف هنڌن تي مسلسل احتجاج به ڪيو آهي، پر جوهي واسين جي دانهن کي ڪير به ورهائڻ وارو ناهي ۽ نه ئي پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي سنجيدگي سان وٺي ان جو ڪو حل ڪڍيو ويو آهي، جنهن ڪري جوهي واسي سدائين پاڻي جي کوٽ خلاف پيا ٻاڪاريندا رهيا آهن.

آبپاشي کاتي جي خاموشي ۽ بااثر ماڻهن جي ڏاڍ سبب جوهي جون چنجاڻي، دڙا شاخ، لاکا ۽ پهوڙ شاخ سميت 10 شاخون ڪيترن ئي سالن کان وٺي مڪمل طور تي سوڪهڙي جو شڪار آهن، انهن شاخن ۾ مسلسل پاڻي نه اچڻ ڪري حالت ان حد تائين خراب ٿي وئي آهي، جو جوهي شهر جو جر به مڪمل طور تي کارو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ماڻهن، پکين ۽ جانورن کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي به نٿو ملي، شهرين کي پيئڻ جو پاڻي مٺو نه ملڻ ڪري هتان جا رهواسي گيسٽرو، چمڙي، گڙدن ۽ بلڊ پريشر جهڙين بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، جيتوڻيڪ آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب هڪ هزار 50 ڪيوسڪ جي منظور ٿيل پاڻي مان جوهي بئراج کي سراسري طور تي 6 سئو پنجاهه ڪيوسڪ پاڻي ملي ٿو، جيڪو سمورو پاڻي جوهي بئراج جي منڍ جا بااثر آبادگار کڻي وڃن ٿا، جوهي بئراج تي بااثر ماڻهن جون هڪ سئو کان وڌيڪ غير قانوني لفٽ مشينون به لڳايون ويون آهن، جنهن ڪري ننڍن آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو.

مون کي جوهي سان تعلق رکندڙ هڪ دوست ٻڌايو پئي ته جيڪڏهن جوهي بئراج ذريعي پاڻي نٿو پهچي سگهي ته ان جو متبادل کيرٿر جبل مان وهي ايندڙ پاڻي جون نيون به ٿي سگهن ٿيون، انهن نين مان واهه ڪڍي يا پائيپ لائين وڇائي به جوهي شهر ۽ ان جي آسپاس وارين زمينن کي مٺو پاڻي پهچائي سگهجي ٿو، پر ان تي به وقت جي حڪمرانن ڪڏهن ناهي سوچيو ۽ جوهي جي ماڻهن کي ننڌڻڪو بنايو ويو آهي. اسان جي لاڳاپيل اختيارين کي نماڻي گذارش آهي ته جوهي جي ماڻهن کي انسان سمجهيو ۽ انهن سان انسانن جهڙو سلوڪ به ڪيو، جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو فوري طور تي حل ڪري جوهي کان رسي ويل سڳداسي چانورن واري خوشيءَ کي ٻيهر موٽايو وڃي، مجبور ٿي جر جو کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب بيمارين جي ورچڙهندڙ انسانن ۽ جانورن جي زندگين کي محفوظ ڪيو وڃي، ها واقعي پاڻي زندگي آهي ۽ جوهي واسين کي زندگي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، جوهي بئراج تي لڳايل سموريون لفٽ مشينون ختم ڪرائي غير قانوني واهن کي بند ڪرايو وڃي ته جيئن پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ٿي سگهي ۽ جوهي واسي به سک جو ساهه کڻي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.